سنڌ

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي هڪ ڄڻُو قتل،عورت زخمي،4 ڦُورو گرفتار

ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ واقع قصبا موڙ زيد اسپتال ڀرسان ڦورن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري هڪ شهريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ شهري زخمي ٿي پيو. ان موقعي تي مڇريل شهرين ڦورن کي پڪڙي ورتو، جڏهن ته ڦورو شهرين پاران تشدد سبب زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس موجب زخمي ڦورن ۽ مارجي ويل شهريءَ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ واقع جمالي پمپ جي ڀرسان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي اڻڄاتل هٿيار بندن 20 ورهين جي ناري عريشا ڌي محمد زاهد کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، واردات کانپوءِ فوري طور تي پوليس پهچي زخمي ناري کي اسپتال منتقل ڪرڻ کان پوءِ واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي. هوڏانهن ڪورنگي انڊسٽريل ايريا واري علائقي ۾ واقع مهراڻ ٽائون واري علائقي مان پوليس مقابلي کان پوءِ ٻن ڦورن زبير پٽ ظهير ۽ شاهد پٽ گل محمد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان هڪ پستول ، موبائيل فون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي جڏهن ته زخمي ڦورن کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن گلبرگ ٿاڻي جي پوليس موسيٰ ڪالوني واري علائقي مان مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن ڦورن امين پٽ سعيد ۽ سليمان پٽ ڪمال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، ڦورن جي قبضي مان هڪ پستول ، هڪ موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون هٿ آئي آهي ،جڏهن ته زخمي ڦورن کي علاج لاءِ عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button