رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: گلين فلپس جي شاندار سينچري، نيوزيلينڊ سريلنڪا کي هارائي ڇڏيو

نيوزيلينڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ميچ ۾ سريلنڪا کي 65 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي 7 وڪيٽن تي 167 رنسن جي موٽ ۾ سريلنڪا جي سڄي ٽيم 102 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جو گلين فلپس 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 104 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ۽ ڊيرل مچل فٽ ٿيڻ بعد 22 رنسون ٺاهيون، باقي بيٽرن مان اوپنر فن ايلن ۽ ڊيون ڪونوي هڪ، هڪ رنسن ۽ ڪپتان وليمسن 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، مچل سينٽنر 11، جيمس نشام 5، ٽم سائودي 4 ۽ ايش سوڊي هڪ رنس ٺاهي.

سريلنڪا جون حامي تماشائي عورتون خوش نظر اچن پيون

سريلنڪا جي بالرن ڪاسن رجيٿا 2، مهيش ٺيڪشانا، ڌننجيا ڊي سلوا، وننڌو هسارنگا ۽ لهرو ڪمارا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. سريلنڪا جي بيٽرن مان ڊاسن شناڪا 35، ڀانوڪا راجاپڪسا 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن تھ ڪوشل مينڊس، پيٿم نشانڪا، ڌننجيا ڊي سلوا سميت 6 بيٽر ڊبل ڊجيٽ ۾ داخل نھ ٿي سگهيا. نيوزيلينڊ جي بالرن مان بولٽ 4 وڪيٽون وٺي سريلنڪن بيٽنگ کي ڄمڻ نھ ڏنو، مچل سينٽنر ۽ ايش سوڊي 2،2 آئوٽ ڪيا آهن. گلين فلپس جارحاڻي راند کيڏڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button