اسلام آبادپاڪستان

حڪومت حملو ڪيو ته اسان جي جواب لاءِ به تيار رهي:گنڊاپور

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور گهرو وزير راڻا ثناءُ الله طرفان جاري ڪيل مبينا آڊيو تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته هي آيا ته مارينداسين، گهرو وزير چوي ٿو ته اسان وٽ ڊرونز آهن، اسان به چوڙيون ناهن پاتيون. سندس چوڻ هو ته پرامن احتجاج تي ماريندا، ڇا انهن وٽ ماڻهو مارڻ جو لائسنس آهي؟ راڻا ثناءُ الله جيمز بانڊ ناهي عوام جي پئسن تي پلجندڙ وزير آهي، جيڪڏهن اسان کي ماريندئو ته ڇا اسان هار پارائينداسين؟ هن چيو ته اوهان جيڪڏهن حملو ڪندئو ته اسان جي جواب لاءِ تيار رهو، اسان آزادي لاءِ نڪتا آهيون ۽ آزادي وٺي رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button