رانديون

آسٽريليا ۾ 13 سالن بعد ٽي 20 ۾ فتح، پاڪستان نيڌرلينڊ کي هارائي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ٽين ميچ ۾ پاڪستان نيڌرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پهرين ۽ ٽي 20 ۾ آسٽريليا ۾ 13 سالن بعد فتح حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 91 رنسن تي آئوٽ، پاڪستان ميچ ۾ 37 بال اڳ 4 وڪيٽن تي 95 رنسون ٺاهي آساني سان هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪرڻ بعد نيڌرلينڊ جا بيٽر ڏکيائين ۾ رهيا، رڳو ڪولن ايڪرمين 27 ۽ ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊ 15 رنسون ٺاهيون، سندن 8 بيٽر ڊبل ڊجيٽ ۾ ئي نھ اچي سگهيا. پاڪستان جي بالرن شاداب خان 3، محمد وسيم 2، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف هڪ، هڪ وڪيٽ وٺي پاڻ ملهايو. جڏهن تھ پاڪستاني بيٽرن مان محمد رضوان 49 رنسن جي اننگز کيڏي، فخر الزمان 20، شان مسعود فيصلائتيون 12 رنسون ڪيون. بالر شاداب خان کي 4 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ محمد رضوان 2500 رنسون پڻ مڪمل ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button