پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ گهر کي باهه، نوجوان سڙي زخمي، وارث علاج لا پريشان

سامارو: سامارو تعلقي جي يوسي آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺ الھبچايو ڀرڳڙي ۾ غريب پورھيت حاجن شيدي جي گھر کي چلهھ مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، گھرڀاتين ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن باهگ اجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهر سامان سميت سڙ يويو، باهه اجھائڻ جي ڪوشش دوران 18 سالن جو نوجوان ساجن پٽ حاجن شيدي سڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارثن ۽ ڳوٺاڻن کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو. باهه متاثر پورھيت حاجن شيدي “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب گھر کي باهه لڳي، مون غريب جو الهھ تلھه رک ٿي ويو، منھنجي نوجوان پٽ ساجن شيدي جو جسم به ڪافي سڙي ويو آھي، پٽ جي علاج لا حيدرآباد اسپتال وڃڻ جو خرچ به ناھي، گهر سڙڻ بعد کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. ھن اي سي سامارو ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کان گهر ڪئي ته پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي گهر ٺهرائي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button