رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: آسٽريليا هٿان آئرلينڊ کي شڪست، ٽڪر جي مزاحمت ڪم نھ آئي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 جي جاري مقابلن ۾ آسٽريليا 42 رنسن تان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ آسٽريليا جي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر ڊيوڊ وارنر 3 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، پر ڪپتان ايرون فنچ 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن سان 63 رنسن جي وڏا اننگز کيڏي اسڪور وڌائي ڇڏيو، مارڪس اسٽوئنس 35، مچل مارش 28، گلين ميڪسويل 13، ٽم ڊيوڊ 15 رنسون ٺاهيون، آئرلينڊ جي بالر بيري مڪ ڪارٿي 3 ۽ جوشوئا لٽل 2 وڪيٽون ورتيون.

آستريليا ـ آئرلينڊ جي ميچ دوران تماشائي مزو وٺي رهيا آهن

آئرلينڊ جي ٽيم 180 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 137 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ لورڪن ٽڪر 9 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي سان 71 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ويو، پال اسٽرلنگ، مارڪ ايڊير 11، 11، اينڊريو بالبرني، هيري ٽيڪٽر 6، 6، گيراٿ ڊيلاني 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريلوي بالرن مان پيٽ ڪمنز، گلين ميڪسويل، مچل اسٽارڪ، ايڊم زمپا 2،2 وڪيٽون وٺي آئرلينڊ کي هدف تائين پهچڻ نھ ڏنو. جڏهن تھ ايرون فنچ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button