پاڪستانسنڌ

سنڌي نوجوانن کي ننڌڻڪو سمجهي ماريو ويو آهي: نياز ڪالاڻي

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ هاشم پهنور ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ وفد پاران مڇر ڪالوني سانحي جي شهيد اسحاق پنهور جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ. جسقم ڪارڪنن جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف راھوجو، اياز راڄپر ۽ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو جي اڳواڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني وارو واقعو انسانيت جي توھين آھي جنھن ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي انتھائي بيدرديءَ سان پنھنجي ئي ڌرتي تي ننڌڻڪو سمجھي شهيد ڪيو ويو آھي، واقعو سنڌين کي ڪراچي ڏانھن اچڻ کان روڪڻ جي لاءِ گھري سازش آھي، پ پ سدائين سنڌ دشمني وارو ڪردار ادا ڪندي رهندي آهي، قومپرستن پاران ڌارين جي لوڌ کي سنڌ مان لودي ڪڍڻ جي لاءِ ڪيل احتجاج دوران پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته ڪراچي اندر جيڪڏهن ڪجهه لک ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ملي ويندا ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي، اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن کي اسان سنڌ دشمن سمجهون ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته ڌارين کي سنڌ مان مڪمل نيڪالي ڏني وڃي، جيڪڏهن پ پ حڪومت واقعي سنڌي ماڻهن جي خير خواهه آهي ته کيس ڪراچي جي مڇر ڪالوني سميت سموري ڪراچي ۾ رهندڙ غيرقانوني بنگالي، برمي، افغاني ۽ ٻين ڌارين کي ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button