پاڪستان

عمران خان جي نااهلي فوري معطل ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان جي نااهلي فوري معطل ڪرڻ واري سندس وڪيل جي استدعا رد ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي ميانوالي سيٽ تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو. شنوائي دوران جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته اوهان واڌو دستاويز جمع ڪرائڻ جي ڪائي درخواست پڻ جمع ڪرائي آهي ڇا؟ جنهن تي علي ظفر ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جمع ڪرائڻ واري درخواست ڏني آهي، عمران خان کي اسيمبلي ميمبر طور نااهل قرار ڏئي ڊي سيٽ ڪيو ويو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي ريفرنس اسپيڪر طرفان آيو هو؟ هائو ۾ جواب ڏيندي چيو ته هي ريفرنس اسپيڪر طرفان موڪليو ويو هو جنهن تي نااهلي جو فيصلو ٻڌايو ويو، اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس تي پنهنجي فائنڊنگز ڏيڻي هوندي آهي، اليڪشن ڪميشن جي سوالن جو جواب نوي ڏينهن اندر ڏيڻو هوندو آهي، هر اسيمبلي ميمبر 30 جون تي پنهنجن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو پابند هو، جيڪڏهن 120 ڏينهن اندر گوشوارا جمع نه ڪرايا وڃڻ يا غلط معلومات ڏني وڃي ته ان ميمبر کي ڪرپٽ پريڪٽس جو ڏوهي قرار ڏنو ويندو آهي، ڪوڙو بيان، غلط معلومات ڏيڻ جي سزا قانون ۾ ٽي سال تائين قيد ۽ ڏنڊ آهي، ان ۾ نااهلي جي سزا نه آهي. عمران خان جي وڪيل استدعا ڪئي ته سندس اصيل جي نااهلي وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل نه پيا ڪريون، ڪميشن کي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪيون ٿا. جنهن بعد عدالت ميانوالي واري سيٽ تي اليڪشن ڪميشن کي ننڍ چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button