
نئين دهلي: بي سي سي آءِ جي اڳوڻي سربراهه ساروو گنگولي چيو آهي ته کيس پوري اميد آهي ته ڀارتي ٽيم ٽي-20 ورلڊڪپ جو فائنل کيڏندي. ڀارتي ميڊيا موجب بنگال ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي اجلاس دوران گنگولي چيو ته سندس خيال آهي ته ڀارت آساني سان ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري وٺندو. ڀارت هن وقت گروپ 2 ۾ ڏکڻ آفريڪا کان پٺتي آهي، هن ٽن مان ٻه ميچون کٽيون آهن، هاڻي ايندڙ ميچون بنگلاديش ۽ زمبابوي سان آهن. بي سي سي آءِ جي اڳوڻي سربراهه چيو ته ڀارتي ٽيم معياري ڪرڪيٽ کيڏي آهي پر ڏکڻ آفريڪا خلاف شڪست کيس سيمي فائنل ۾ ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پر ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ڏسندي اميد آهي ته ٽيم ڪاميابي ماڻيندي ۽ فائنل کيڏندي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڀارت رڳو هڪ ميچ هارايو آهي، هر رانديگر پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان ڪري پوري اميد آهي ته ڀارت فائنل کيڏندو.