پاڪستانسنڌ

ارشد شريف جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد: پي ايف يو جي سڏ تي ايڇ يو جي پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، پريس ڪلبن تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سينئر صحافي اقبال ملاح، جاني خاصخيلي، اشوڪ راماڻي، اشوڪ شرما، فاضل چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا. قلم ڌڻين صحافين تي حملن، اغوا، حراسان ڪرڻ ۽ قتل جي وڌندڙ ڏوهن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايڇ يو جي اڳواڻن جاني خاصخيلي، اقبال ملاح ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ٻه نومبر تي سڄي دنيا ۾ صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد حق سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ صحافين خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام ڪرڻ آهي پر افسوس سڄي دنيا ۾ خاص طور ڏکڻ ايشيا ۽ پاڪستان ۾ سچ جو علم بلند ڪندڙ قلم ڌڻي اڄ به عتاب جو شڪار آهن، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ صحافين تي ٿيندڙ حملن، اغوا، تشدد، حراسان ڪرڻ ۽ قتل جي واقعن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران وڌي رهيا آهن، جيڪا صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته صحافت جي آزادي واري راهه ۾ ملڪ جي نامور صحافي ۽ اينڪرپرسن ارشد شريف کي ڪينيا ۾ بيرحماڻي انداز ۾ قتل ڪيو ويو آهي، اهڙي واقعي خلاف ملڪ جي صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل آهي. نوشهروفيروز ۾ پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي صحافين جي وڏي انگ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي زاهد قائمخاني، زاهد راڄپر، مظهر خاصخيلي، وقار راڄپر، ساجد جويو، فقير ميهر بيهڻ، راڻا رياض الحسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٺٽي ۾ شبير ڀٽي، خدا بخش ميمڻ، اقبال جاکرو، ٽنڊو محمد خان ۾ رمضان شورو، بدين ۾ خالد احمد گهمڻ، تنوير آرائين ۽ ڌاٻيجي ۾ مقصود احمد جوکيو، سيف الملوڪ شاهھ ۽ شاهد سمون جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪري ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button