اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جو آصف زرداري خلاف نااهلي وارو ريفرنس رد

اسلام آباد:قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف نااهلي وارو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ذلفي بخاري قومي اسيمبلي جي ميمبر آصف علي زرداري خلاف ريفرنس اسپيڪر ڏانهن اماڻيو هو. ريفرنس ۾ آصف زرداري کي آئين جي آرٽيڪل 63/62 تحت نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. ذلفي بخاري اسپيڪر ڏانهن موڪليل ريفرنس ۾ گذارش ڪئي هئي ته آصف زرداري جي نااهلي لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو وڃي پر اسپيڪر راجا پرويز اشرف آصف زرداري جي نااهلي جو ريفرنس رد ڪري فيصلي جي نقل اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button