اسلام آبادپاڪستان

ُبوٽ پالش ڪندڙ جي منهن تي ڪاراڻ صاف نظر اچي پئي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جوتا پالش ڪندڙ پالش جي ڪاراڻ توهان جي منهن تي صاف نظر اچي رهي آهي، پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته فارن فنڊنگ فتنو هاڻي ته شهبازشريف جي حڪومت آهي، توهان رئو، پٽيو ۽ رڙيون ڪيون پر هاڻي ته حقيقت اها ئي آهي. شهبازشريف چور هو ته عدالتن ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا ويا ۽ هاڻي دير ٿي چڪي آهي. هن چيو ته شهبازشريف چور هو ته 3 سال برطانوي عدالت اين سي اي ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا؟ هن رانا ثناءُالله قاتل هو ته هيروئن ڇو وجهي گرفتار ڪيو ويو؟ ڪيڏانهن وئي وڊيو ڪيڏانهن ويا ثبوت، هاڻي دير ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته نوازشريف کي توهان جي حڪومت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني. جيڪڏهن احتساب ڪيو هو ته پوءِ آرمي چيف کي تاحيات ايڪسٽيشن جي آفر ڇو ڪئي. هن چيو ته ڪيس صحيح هيا ته توهان جي حڪومت جي دور ۾ عدالتن آزاد ڇو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button