اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ٻن شهرين جو قتل:انساني حقن واري ڪميٽي نوٽيس ورتو،رپورٽ طلب

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي انساني حقن واري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ڪراچي ۾ ٻن شهرين جي بيدردي سان قتل ۽ اسلام آباد ۾ ايس ايڇ او پاران ٻن شهرين تي غيرقانوني طور تي حراست ۾ رکڻ ۽ تشدد جو نشانو بنائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي واسطيدار اختيارين کان ٽن ڏينهن جي هڪ جامع رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته انساني حقن جي خلاف ورزين هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته انساني حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان معاملي ۾ اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button