رانديون

ٽي-20 رينڪنگ ۾ محمد رضوان کان سوريا ڪمار ياديو پوزيشن کسي ورتي

دبئي: ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ مسلسل ناڪامي کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان کان پهرين پوزيشن کسجي وئي آهي. ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي پٺتي ڇڏي آئي سي سي جي نئين مردن جي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ويرات ڪوهلي به 10هين نمبر تي اچي ويو آهي. قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 780 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي، محمد رضوان 7 ريٽنگ پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 842 پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي مردن جي ٽي 20 رينڪنگ ۾ سوريا ڪمار 863 پوائنٽس سان پهرين، محمد رضوان 842 پوائنٽس سان ٻين ۽ نيوزيلينڊ جو ڊيون ڪنوي 792 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. ويرات ڪوهلي 638 پوائنٽس سان 10هين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرز جي رينڪنگ ۾ افغان اسپنر راشد خان پهرئين، وينندو حسرنگا ٻئين، تبريز شمسي ٽئين، جوش هيزل ووڊ چوٿين، مجيب الرحمان پنجين ۽ سيم ڪرن ڇهين نمبر تي آهي. قومي ٽيم جو ڪو به بالر ٽاپ 10 ۾ شامل ناهي جڏهن ته حارث رئوف 17هين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button