پاڪستان

گوجرانوالا ۾ چوٿين ڏينهن به تعليمي ادارا بند، عمران خان خلاف وري بئنر لڳي ويا

پنجاب جي شهر گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ گذرڻ ۽ ترسڻ سبب چوٿين ڏينهن به تعليمي ادارا بند رهيا ۽ مارچ جي رستي تي سمورو ڪاروبار معطل رهيو. تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ پنهنجي ڇهين ڏينهن تي جناح انٽر چينج پنڊي با پاس کان شروع ٿيو ۽ گکڙ منڊي پهتو، جڏهن ته مجموعي طور گوجرانوالا ضلعي ۾ لانگ مارچ جو اهو چوٿون ڏينهن هو، جنهن سبب جي ٽي روڊ تي موجود تعليمي ادارا لڳاتار بند رهيا ۽ پوليس توڙي ضلعي انتظاميا جناح انٽرچينج کان گکڙ تائين دڪان به بند ڪرائي ڇڏيا. هوڏانهن گوجرانوالا شهر ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن نامعلوم ماڻهن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف بئنر لڳائي ڇڏيا، جن تي “گهڙي چور” ۽ “توشا خانا جو چور” جا نعرا لکيل هئا. گذريل ڏينهن ساڳئي قسم جا بئنر پوليس اهلڪارن لاهي ڇڏيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button