سنڌ

عمران خان ملڪ لا سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ھو سمجھي ٿو ته پاڪستان جي خلاف پرڏيهي سازش ٿي رهي آهي پر جنهن سازش جي عمران خان ڳالهه ڪري رهيو آهي ، اھا سازش نه پر عمران خان ڀارتي ۽ اسرائيل جي پيسن سان ملڪ ۾ڪوڙ پکيڙي پرڏيهي سازشن ۾ مصروف آهي، عمران خان ڏڦيڙ پکيڙي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هي شخص ملڪ لاءِ سڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي. ملڪ ۾ مارشل لا جون ڳالهيون ڪري ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪرائڻ چاهي ٿو ته جيئن ملڪ تي عالمي پابنديون لڳن ۽ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام اچي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري پوري دنيا مان عالمي امداد اچي رهي هئي، عالمي ميڊيا جي هيڊلائنز ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جو ذڪر هو، عمران خان هن پوري معاملي کي نقصان پهچايو ۽ قومي ۽ عالمي ميڊيا جو ڌيان لانگ مارچ جي طرف موڙي ڇڏيو، هاڻي ميڊيا ۾ ٻوڏ متاثرن جي حالت زار جو ڪوئي ذڪر ناهي، سموري ميڊيا ۾ عمران خان جي لانگ مارچ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. ان کان وڏي سازش ملڪ جي خلاف ٿي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي شخص مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سڀ کان وڌيڪ تسبيح پڙهندو رھي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي رهندو ٿو، عمران خان وٽ پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪوئي پلان ناهي. هو ڀارت ۽ اسرائيل جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي. قومي سلامتي جي ادارن کي نشاني تي رکيو اٿس، هي شخص ملڪ ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو ته جيئن هو پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهي. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن ڊاڪٽر اسرار احمد، عبدالستار ايڌي، مرحوم حڪيم سعيد پاران عمران خان جي باري ۾ تاثر، انٽرويوز سلائيڊ جي ذريعي ميڊيا جي سامهون پيش ڪيا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو هن فراڊي شخص کي فرشتو بڻائي پيش ڪري رهيا آهن، انهن ماڻهن لاءِ تاريخ مان ڪجهه شيون سامهون آنديون آهن. جيڪي نيون ته ناھن پر اھم ضرور آھن . جيڪي عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ کان ڪيترائي سال اڳ پاڪستان جي اهم شخصيتن قوم کي ھن شخص جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيون هيون. هن چيو ته مشهور صحافي ارشد شريف شهيد ٿيو، جنهن تي پوري قوم ڏک ۾ ورتل آهي، پر هن بي رحم قتل کي سياسي رنگ ڏئي ڪري پي ٽي آئي ۽ عمران خان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ارشد شريف پنهنجي پروگرام ۾ عمران خان کي ايڪسپوز ڪيو هو ته پي ٽي آءِ کي ڀارت ۽ اسرائيل مان هيوي فنڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪنٽينر تي گذريل پنج ڏينهن جي تقريرن ۾ اسلامي ٽچ ۽ پرڏيهي سازش جو ذڪر آهي، پرڏيهي سازش ۽ سائفر جو پول ته کلي ويو آھي. عمران خان پاڻ کي بچائڻ لاءِ سائفر جي سازش جو ڪوڙو بيانيو بڻايو. هن چيو ته اصل پرڏيهي سازش سڀني جي سامهون آهي، جنهن جون ڪڙيون ڀارت ۽ اسرائيل سان ملن ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي گهر ويٺي عدالتن مان رليف ملي ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي فوجي سپه سالار آيا ۽ ويا، پر ان سان ڪنهن جي غرض نه رهي. پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو ويو آهي. عمران خان تون آرمي چيف جي مقرري لاءِ ٽي نالا ڏيڻ وارو آهين ڪير. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته عمران خان 2018 ۾ ڌانڌلي جي ذريعي اقتدار ۾ آيو، ان وٽ اسيمبلي ۾ نمبر پورا ڪونه هئا. قانون سازي لاءِ مدد وٺندو رهيو. هن چيو ته عمران خان ڪوڙو شخص آهي. ان ڪوڙي کي قانوني ۽ آئيني طريقي سان روڪڻو پوندو، پوري معاشري ۽ هر شخص جي ذميواري آهي ته هن ڪوڙ کي پکڙجڻ کان روڪي. هن چيو ته هن شخص غير آئيني طريقي سان اسيمبلي ٽوڙي، ان قدم کي سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو. عمران خان آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شخص آھي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن شخص کي ڍر ڏني آهي، عمران خان ڍر جي قابل ناهي. هڪ سوال تي هن چيو ته اڄ جو دور ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي. سائنٽفڪ طريقي سان ماڻهن جي ذهنن سان کيڏيو پيو وڃي. آمريڪا جي اليڪشن ۾ سڀني کي خبر آهي ته ڪهڙي طرح سوشل ميڊيا جو استعمال ٿيو ۽ ٽرمپ کٽيو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. عمران خان گذريل 10 سالن کان سوشل ميڊيا تي ڀاڙي رهيو آهي، جنهن تي ڀارت ۽ اسرائيل مان مليل اربين روپيا خرچ ڪري رهيو آهي. عمران خان جي سنڌ ۾ اچڻ جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اھو ٻلي جي خواب ۾ ڇيڇڙا جي مثال وانگر آھي. سنڌ جا ماڻهو شعور رکن ٿا. عمران خان کي پهرين به رد ڪري چڪا آهن،کيس اڳتي به رد ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button