رانديون

ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پهرين وڪيٽ وٺندڙ بالر ايلن ٿامسن فوت

ميلبورن: ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پهرين وڪيٽ وٺندڙ بالر ايلن ٿامسن 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آسٽريلوي ايلن ٿامسن پنهنجي غير معمولي بالنگ انداز جي ڪري مشهور هو. هو 71-1970ع ۾ 7 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ايشيز سيريز جي 4 ٽيسٽ ميچن ۾ به ڪينگروز ٽيم جو حصو رهيو. ايلن ٿامسن پهرين ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ پنهنجي ٽيم جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته ميلبورن ۾ شيڊول ٽين ٽيسٽ برسات سبب ملتوي ڪئي وئي. ان کان اڳ جو هو پنجين ۽ ڇهين ٽيسٽ ميچ کيڏي هن تاريخ رقم ڪري ورتي. ميلبورن ٽيسٽ برسات سبب متاثر ٿي، ان ڪري ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 جنوري 1971ع تي 40 اوورن جي ون ڊي ميچ کيڏي وئي. ان ميچ ۾ ايلن ٿامسن انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان جيفري بائيڪاٽ کي اسڪوائر ليگ تي بل لاوري جي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. ايلن ٿامسن هن ميچ ۾ 8 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي ۽ آسٽريليا 5 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتو. ايلن ٿامسن، جيڪو فروگي جي نالي سان مشهور آهي، 1969 ۾ مشهور ٿيو، جڏهن هن شيفيلڊ شيلڊ ٽرافي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف وڪٽوريا لاءِ کيڏندي 11 وڪيٽون ورتيون. ايلن ٿامسن جو انٽرنيشنل ڪيريئر گهڻو سٺو نه رهيو ۽ هن 4 ٽيسٽ ميچن ۾ رڳو 12 وڪيٽون ورتيون پر هن 44 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 184 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button