سنڌ

ڪمند جو اگهه 30 نومبر تائين مقرر ڪري شگر ملون هلائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ 30 نومبر تائين ڪمند جو اگهه مقرر ڪري شگر ملون هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ بابت درخواست تي شنوائي ٿي، زراعت جو قائم مقام سيڪريٽري، ڪين ڪمشنر، درخواستگذار ۽ وڪيل پيش ٿيا. ڪين ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته ڪمند جي قيمت جي معاملي تي شگر ملن ۽ آبادگارن ۾ اجلاس ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ٻيو اجلاس 10 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو ويندو. ڪين ڪمشنر سنڌ هاءِ ڪورٽ کان 10 نومبر تائين وقت گهريو، عدالت 30 نومبر تائين ڪمند جو اگهه مقرر ڪري شگر ملون هلائڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button