پاڪستانسنڌ

لاکڙا لڳ پيسن جي ڏيتي ليتي تان چاچي هٿان نوجوان ڀائيٽيو قتل

سن: لاکڙا ڪول فيلڊ جي علائقي ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي تان چاچي جي فائرنگ ۾ نوجوان ڀائيٽيو قتل، گهر ۾ ڪهرام متل، خبر موجب لاکڙا ڪول فيلڊ جي علائقي نديم ڪول مائنز وٽ انڊس ڪول مائٔينز ٿاڻي جي حد ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان ٻن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو. جنهن ۾ جھيڙي دوران چاچي الادين کوسو پسٽل سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سندس 23 ورھين جو ڀائٔيٽيو ڪريم بخش کوسو گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث ٿاڻي تان ليٽر وٺي لمس اسپتال ڄامشورو کڻائي ويا. جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو. جنهن تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏھن ته جوابدار الادين کوسو پسٽل جا فائر ڀائيٽي کي ھڻي فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي طرف انڊس ڪول مائنيز جي ٿاڻي جي پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لا ڪوشش ھلندڙ آھي، جڏھن ته وارثن جي اچڻ تي ڪيس به داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button