پاڪستان

چونڊن جو اعلان نه ٿيو ته تحريڪ 10 مهينا جاري رهندي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت خلاف شروع ڪيل لانگ مارچ ۽ احتجاجي تحريڪ کي چونڊن جي اعلان تائين جاري رکڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به هي تحريڪ ختم نه ٿيندي، جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن جو اعلان نٿو ڪيو وڃي ته تحريڪ 10 مهينن تائين هلندي. تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران گوجرانوالا ۽ گکڙ ۾ ڪارڪنن کي ڪنٽينر تان خطاب ڪندي هن چيو ته شريف خاندان جا سمورا چور آجا ٿي ويا، آصف زرداري خلاف به ڪيس ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ هڪ وڏي چور کي به اين آر او ملڻ وارو آهي، مون کي سڀ خبر آهي ته چورن کي اسان جي مٿان ڪنهن مڙهيو آهي، جيڪي نيب کي ڪنٽرول ڪندا هئا، اُنهن ئي موجوده حڪمرانن کي مڙهيو آهي. هن چيو ته مون ساڍن ٽن سالن دوران ملڪ جي وڏن ڏوهارين ۽ چورن کي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳجهن هٿن انهن کي سزا ٿيڻ نه ڏني، منهنجي خواهش آهي ته جڏهن سڏ ڏيان ته هر ماڻهو ملڪ جي حقيقي آزادي جي جنگ ۾ جهاد لاءِ مون وٽ اچي پهچي، جيستائين معاشري ۾ انصاف نه ٿيندو تيستائين خوشحالي نه ايندي، انصاف جو مطلب هر شهري لاءِ هڪ جهڙو قانون هوندو آهي پر بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ انصاف نه آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ننڍو چور جيل ۾ هوندو آهي ۽ وڏو چور جوتا پالش ڪري وزيراعظم بڻجي ويو آهي، شهباز شريف کي 16 ارب رپين جي ڪيس ۾ سزا ملي هئي پر سندس ڪيس ختم ڪرايا ويا، مون ساڍن 3 سالن دوران پوري ڪوشش ڪئي ته ملڪ جي وڏن وڏن ڏوهارين ۽ ڦورن کي سزا ملي پر ڳجهن هٿن انهن کي سزا ٿيڻ نه ڏني، ڪڏهن بئنچ ٽٽي ويندي هئي ته ڪڏهن ڪنهن کي چيلهه ۾ تڪليف ٿيندي هئي جنهن ڪري ڪيس وڌيڪ ڊگها ٿيندا ويا ۽ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين، منهنجي دور ۾ نيب اسان جي وس ۾ نه هو، نيب کي ڪنٽرول ڪندڙن ئي چورن کي بچايو آهي، جڏهن کان هي آيا آهن مهانگائي ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button