اسلام آبادپاڪستان

عمران خان سگهارين ڌرين کان 6 سوالن جا جواب گهري ورتا

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لانگ مارچ دوران سگهارين ڌرين کان ڇهن سوالن جا جواب گهري ورتا. گکڙ منڊي ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڄ آئون ڇهن سوالن جا جواب چاهيان ٿو. پهريون سوال اهو ته جڏهن مان وزيراعظم هئس ته آمريڪي سفارتڪار ڊونلڊ لو ڪنهن کي پيغام ڏنو ته پنهنجي وزيراعظم کي اقتدار تان هٽايو؟ ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪنهن ڌمڪيون ڏنيون، ڪنهن کيس پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪنهن يو اي اي ڇڏڻ لا چيو؟ اهي ڪير آهن جن اعظم سواتي کي مار کارائي ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري مٿس تشدد ڪيو؟ شهباز گل کي به اگهاڙو ڪري ڪنهن تشدد جو نشانو بڻايو؟ ايف آ اي کي حڪم ڪنهن ڏنا؟ پنجون سوال اهو ته اهو ڪير آهي جيڪو نامعلوم نمبرن تان فون ڪري تحريڪ انصاف کان پري رهڻ جو چوي ٿو، ڌمڪيون ڏيندڙ ڪير آهي؟ آخري سوال اهو ته اهي ڪير آهن جن اسان تي چورن کي مڙهيو آهي، ڇا پاڪستان ان لا ٺهيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جهڙا چور اسان تي حڪومت ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button