اسلام آبادپاڪستان

رڳو آڪٽوبر دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 128 ماڻهو گم، ماهوار رپورٽ ۾ انڪشاف

گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن پنهنجي ماهوار رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آڪٽوبر واري مهيني اندر سڄي ملڪ مان وڌيڪ 128 ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن. خانگي ٽي وي چئنل مطابق لاپتا ماڻهن جي ڪميشن پنهنجي ماهوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گذريل مهيني اندر وڌيڪ 128 ڪيس داخل ٿيا آهن، ان عرصي دوران 118 ماڻهن جو پتو لڳايو ويو، جڏهن ته ٽن گم ٿيل ماڻهن جا لاش به مليا آهن. دستاويزن مطابق لاپتا ماڻهن جي ڪميشن وٽ شروع کان وٺي هيل تائين 9 هزار 35 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 6 هزار 825 ڪيس اڪلايا ويا، گذريل مهيني 113 گم ٿيل ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽي آيا. رپورٽ مطابق هيل تائين 2 هزار 210 گم ٿيل ماڻهن جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي، هڪ گم ٿيل شخص حراستي مرڪز ۾ قيد ڏٺو ويو، جڏهن ته لاپتا ماڻهن جي ڪميشن گذريل مهيني 17 ڪيس خارج پڻ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button