پاڪستانعالمي

چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سي پيڪ رٿا جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري تي اتفاق

وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو خوشخبريون کڻي آيو، چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي شعبن، سي پيڪ سميت وسيع تعاون کي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا وڌيڪ 50 ڪروڙ يوآن امداد جو پڻ اعلان ڪيو ويو، چيني ڪمپنين ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لا وزيراعظم جي ڏنل دعوت قبول ڪري ورتي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته چيني صدر پاڪستان لاءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ يوان امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چين جي خوشحالي لاءِ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳواڻن دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين انرجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي معاملن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي کي ورجايو ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين رسمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي وسيع معاملن جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو. صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پائيدار اقتصادي ترقي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ 500 ملين يوان جي اضافي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اقتصادي چئلينجن کي وڌائي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏيل يقين جي توثيق ڪئي جيڪو عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع سان علائقائي رابطن جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اهڙو اتفاق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف عوامي هال ۾ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف چيني ڪمپنين ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لا وزيراعظم جي ڏنل دعوت قبولي ورتي آهي. چين جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڙيسري ملڪ جي وڏين ڪمپنين کي سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن ۾ وڏي دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي 10 هزار ميگا واٽ شمسي توانائي جي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي گودار ايئرپورٽ تي ڪم جي رفتار تيز ڪري منصوبو مڪمل ڪرڻ تي پڻ راضي ڪري ورتو آهي. چيني ڪمپني وزيراعظم کي ايندڙ سال جي شروعات تائين هوائي اڏي جو اڏاوتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ان کان علاوه ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لا وفاق ۽ سنڌ حڪومت طرفان چيني ڪمپنين سان سهڪار تي راضپو ظاهر ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيني ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ ڪيترائي مسئلا ٿيا جنهن تي معذرت ڪريون ٿا، ٻه ڪروڙ ماڻهن جي شهر ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي جو وڏو مسئلو آهي، سنڌ سرڪار سان گڏجي توهان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اپريل 2022ع ۾ اقتدار سنڀالڻ بعد ڪمپنين کي پيش ايندڙ مسئلا حل ڪيا، چيني ڪمپنين کي 160 ارب رپين جي رهتن جي ادائيگي ڪري چڪا آهيون، 50 ارب رپيا گذريل ڏينهن ادا ڪيا ويا ۽ 50 ارب رپين مان ريوالونگ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي هدايت تي اسٽيٽ بئنڪ ريوالونگ اڪائونٽ ٺاهيو آهي، جنهن ۾ ادائيگين سان گڏوگڏ وڌيڪ 50 ارب رپيا شامل ٿي ويندا. هن چيو ته چيني درآمدي ڪوئلي جي ادائيگين ۾ ماضي ۾ مسئلا ٿيا جنهن تي ڏک آهي، ديامر ڀاشا منصوبي ۾ ايراضي ملڻ جا مسئلا حل ڪنداسين، مهمند ڊيم تي ڪجهه مسئلا آيا، جن بابت ڄاڻ وٺي مسئلن کي حل ڪرائينداسين. هن چيو ته شمسي توانائي ذريعي 10 هزار ميگا واٽ بجلي پيداوار جو جامع پلان جوڙيو آهي، هوا مان به بجلي جي پيداوار منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، ٻارڻ جي لاڳت گھٽ ڪري تيل ۽ گيس تي وڏي پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪنداسين جيئن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هٿي وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button