سنڌ

سنڌ ميمڻ اتحاد جو چيئرمين عبدالرزاق ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ ميمڻ اتحاد مرڪزي چيئرمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ 65 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم گهڻي عرصي کان بيماري جي بستري تي پيل هيو. سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ کانپو مٽياري ضلعي سميت سنڌ جي مختلف سياسي سماجي ماڻھن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي. مرحوم حاجي عبدالرزاق ميمڻ سال 2013 جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي پليٽ فارم تان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مرحوم مخدوم امين فهيم سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن ۾ مضبوط اميدوار طور بيٺل رهيو، جتي کيس 78000 هزار ووٽ مليا. جڏھن ته حاجي عبدالرزاق ميمڻ سماجي ڪمن جي حوالي سان به سرگرم رهيو. مٽياري ۾ سندس والده جي نالي سان ايس آ يو ٽي اسپتال لا 6 ايڪڙ پلاٽ به ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڏنو ۽ خيراتي اسپتال جو بنياد رکيو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن سميت صحافين پڻ شرڪت ڪئي، جنازي نماز ڄاموٽ پارڪ ۾ پڙھي وئي، جنهن کانپو کيس مٽي ما حوالي ڪيو ويو. سوڳوارن ۾ سندس پٽن عبدالناصر ميمڻ، شھزاد ميمڻ، شھزور ميمڻ، عبدالشڪور ميمڻ، جگنو ميمڻ ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button