سنڌ

هوسڙي ڀرسان 2 حيسڪو ملازم ٿنڀي تان ڪري پيا،هڪ فوت،ٻيو مرڻينگ

ھوسڙي ڀرسان ڳوٺ عدل نوناري ويجهو بجلي جي ٿنڀن تي ڪم ڪندڙ 2 ملازم اوچتو هيٺ ڪري پيا، ھڪ ملازم ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. خبر موجب حيدرآباد ۾ هوسڙي ڀرسان ڳوٺ عدل نوناري ويجهو ھڪ لک 30 ھزار وولٽيج بجلي رسائيندڙ ٿنڀي تي حيسڪو جو ٽيڪنيڪل عملو تارن جو مرمتي ڪم ڪري رھيو ھو ته اوچتو ٿنڀي مان ھٿ تڪرڻ ڪري ۽ چيلھه ۾ ٻڌل حفاظتي پٽو ٽٽڻ ڪري 2 ملازم سڪندر ٿيٻو ۽ سردار احمد ھيٺ زمين تي ڪري پيا، جنهن ۾ هڪ ڄڻي سڪندر ٿيٻو سول اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، فوتي ملازم جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي ملازم سڪندر علي ٿيٻو ڄامشورو ۽ زخمي ملازم گدو چوڪ حسين آباد جو رهواسي آهي. ان ڏس ۾ ساٿي ملازم سڪندر علي شاهه ٻڌايو ته ٽن مھينن کان بند پيل ھڪ لک ٽيھه ھزار وولٽيج صنعتي بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون ناڪارا ٿي ويا، جنهن ڪري لائين ڪٽي مرمتي ڪم شروع ڪيو آھي. ھن ٻڌايو ته ساٿي ملازمن سان ٿنڀي مان اچانڪ ھٿ نرڪڻ ۽ حفاظتي بيلٽ ٽٽڻ ڪري واقعو پيش آيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button