سنڌ

حيدرآباد ڊويزن ۾ ادارن جا نالا انگريزي سان گڏ سنڌي ۽ اردو ۾ لکڻ جو حڪم

ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن ادارن جا نالا انگريزي سان گڏ سنڌي ۽ اردو ٻولي ۾ لکيا وڃن. خانگي تعليمي ادارا پنهنجن ادارن جي نصاب ۾ سنڌي مضمون شامل ڪري شاگردن کي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي تعليم به لازمي طور پڙهائين. هن اهڙي هدايت سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان شهباز هال حيدرآباد ۾ سڏايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمن ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ايوان تجارت ۽ صنعت جي نمائندن کان علاوه قاسم آباد بزنس فورم جي رحمت الله ساند ۽ سرڪاري کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري ادارن يا فائلن تي رڳو انگريزي لکي وڃي ٿي، ان لا ضروري آهي ته انگريزي سان گڏ اردو ۽ سنڌي به لکي وڃي. جيڪڏهن ڪٿي انگريزي ۽ اردو لکيل آهي ته اتي سنڌي به لکي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي سنڌي ۽ انگريزي لکيل آهي ته اتي اردو کي به شامل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button