رانديون

پي سي بي پاران اسپيشلائيزيشن ٽريننگ ڪيمپس لڳائڻ جو فيصلو

پي سي بي ڪرڪيٽ جي مختلف شعبن ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي وڌائڻ توڙي نئين ٽيلنٽ کي ڳولڻ خاطر اسپيشلائيزيشن ٽريننگ ڪيمپس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ هو تھ ڪيمپ ۾ تيز، اسپن بالنگ، بيٽنگ ۽ پاور هٽنگ ۾ خصوصي تربيت ڏني ويندي. جڏهن تھ اسپيشلائيزيشن ڪيمپس ۾ تربيت مشهور عالمي ڪوچز کان ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو تھ ان ڏس ۾ خانگي بينڪ سان معاهدو ڪيو آهي، ڪيمپ مختصر بدران ڊگهي مدي تائين لڳائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button