رانديون

پاڪستان ويمن ۽ آئرلينڊ ويمن ۾ پهريون ون ڊي ميچ ساڀاڻي ٿيندو

پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ اڄ لاهور ۾ کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪپتانن ٽرافي جي مهورت گڏجي ڪئي آهي. هوڏانهن ٻنهي ٽيمن سيريز ۾ ڪاميابي جو عزم ڏيکاريو آهي. آئرلينڊ جي رانديگرياڻي ليها پال چيو آهي تھ پاڪستان جو اسپن اٽيڪ بهتر آهي، ڏسنداسين تھ هتان جون پچز ڪيئن آهن، ڇوتھ اسان هن خطي ۾ اهم تجربو ڪري رهيون آهيون. پاڪستاني ٽيم جي ڪائنتات امتياز چيو تھ هوم سيريز ٿيڻ وڏي ڳالهه آهي، تنهنڪري شوقين وڏي تعداد ۾ ميدان تي اچن. آئرلينڊ آسان مخالف ٽيم نھ سمجهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button