رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويو، آئرلينڊ کي شڪست، آسٽيليا بھ سوڀارو

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ايونٽ جي پهرين بڻجي وئي آهي. جڏهن تھ آسٽريليا بھ افغانستان کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي پوائينٽس ٽيبل تي انگلينڊ کان اڳيان نڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق سپر 12 جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 185 رنسون ڪيون، جنهن جي جواب ۾ آئرلينڊ 9 وڪيٽن تي 150 رنسون ٺاهي سگهي. نيوزيلينڊ جي اوپنرن فن ايلن 32، ڊيرل مچل 31 رنسن سان پاور پلي ۾ بهترين پارٽنر شپ ڏني، جن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڪپتان ڪين وليمسن 35 بالن تي 61 رنسن سان ڪاميابي جو رستو ٺاهيو. جڏهن تھ ڊيوڊ ڪونوي 28 رنسون ڪيون. آئرلينڊ جي بالرن جوشوئا لٽل 3، جيراٿ ڊيلاني 2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن آئرلينڊ جي بيٽرن پال اسٽرلنگ 37، اينڊريو بالبرني 30 رنسون ٺاهيون، جارج ڊوڪريل 23، لورڪن ٽڪر 13 رنسن تي آئوٽ ٿيا. نيوزيلينڊ جي بالرن لوڪي فرگوسن 3، ٽم سائودي، ايش سوڍي، مچل سينٽنر 2،2 وڪيٽون ورتيون. ڪين وليمسن کي 61 رنسن تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

آسٽريليا جو بيٽر افغانستان خلاف شاٽ کيڏي رهيو آهي

ٻئي طرف آسٽريليا جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 168 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر ڊيوڊ وارنرن 25 ۽ ڪيمرون گرين 3 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، مچل مارش 45، مارڪس اسٽوئنس 25، اسٽيو سمٿ 4 رنسون ٺاهيون، بعد ۾ گلين ميڪسويل 54 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي اسڪور مضبوط ڪيو. افغانستان جي 164 رنسون ٺاهي 4 رنسن تان هارايو، جنهن ۾ راشد خان 48 تي ناٽ آئوٽ رهيو. رحمان الله گرباز 30، گلبدين نائب 39، ابراهيم زادران 26 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ گلين ميڪسويل 54 رنسن سان پليئر آف ميچ جو اعزاز ماڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button