رانديون

سدرا ۽ منيبا جي 221 رنسن جي ڀائيواري، پاڪستان ويمن هٿان پهرين ون ڊي ۾ آئرلينڊ کي شڪست

پاڪستان ويمن ٽيم آئرلينڊ خلاف هوم سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 128 رنسن تان کٽي ورتي آهي، جنهن ۾ اوپنرن سدرا امين ۽ منيبا علي 221 رنسن جي رڪارڊ ڀائيواري ٺاهي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ويمن ٽيم 3 وڪيٽن تي 335 رنسون ٺاهي مهمان ٽيم کي هدف ڏنو، جنهن ۾ سدراا مين هڪ ڇڪي ۽ 20 چوڪن سان 176 رنسن جي جارحاڻي راند کيڏي، سندس ساٿ ۾ منيبا علي 2 ڇڪا ۽ 10 چوڪا هڻي 107 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ عاليا رياض 29 ۽ صدف شمس 3 رنسون ٺاهيون. آئرلينڊ جي بالرن ارليني ڪيلي 2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ جواب ۾ آئرلينڊ ويمن ٽيم 207 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪپتان لورا ڊيلاني 69 رنسن سان مزاحمت ڪئي، ٻين بيٽرن ۾ اورلا پرينڊرگيسٽ 29، ريچل ڊيلاني 22، ميري والڊرون 19 رنسن سان نمايان رهيون. پاڪستاني بالرن ندا ڊار 3، فاطما ثنا، نشارا سنڌو 2،2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ سدرا امين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button