پاڪستانسنڌ

رياض چانڊيو جي گهر تي چڙهائي خلاف جسم جي ريلي

عثمان شاهھ ھڙي: جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي پيارو لنڊ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي گھر تي چڙھائي، ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ، ڌارين جي آبادي خلاف ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لا حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ باغي ڪالرو، ضلعي صدر وقار احمد بوزدار، الطاف بجاراڻي، غلام رسول رند ۽ ٻين ريلي ڪڍي مين روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته سنڌ ۾ جهنگ جو قانون آھي، ماڻھو اغوا ٿين پيا، احتجاج يا پڇاڻي ڪرڻ تي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙھايون ڪري حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، سنڌ کي برسات نه پر وڏيرن ۽ ڪامورن پرڏيهي امداد جي لالچ ۾ ٻوڙيو آهي، هن وقت سنڌ ۾ غيرتمندن جون نياڻيون ماني ڳڀي لا پريشان آھن، پر وقت جا حڪمرانن بدران مدد جي تماشو ڏسڻ ۾ پورا آھن. هنن گهر ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا قدم کڻي ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button