پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ پورهيت تي تشدد جو مک جوابدار گرفتار

ورڪشاپ: ورڪشاپ شهر ۾ پورھيت مٿان بي رحماڻو تشدد جو شڪار پورھيت شاھد چانڊيو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي سانگھڙ نوٽيس ورتو ۽ جوابدرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار غلام نبي چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو. معاملو پيار جو پرڻو ٻڌايو پيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته برادري جا ماڻهو نوجوان کي شهر نه اچڻ لا ڌمڪيون ڏيندا هئا، نوجوان شهر آيو ته کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کين سزا ڏياري ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button