پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ نوجوان جي بازيابي لا عورتن جو احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو لالچندآباد جي رهواسي ڍولو ولد دودو اوڏ جي بازيابي لاءِ ۽ سيٺ سنتوش لوهاڻي خلاف اوڏ برادري جي عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف لا نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مغوي جي ما تلسي اوڏ، ريشمان اوڏ، حسنه اوڏ، نوري اوڏ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ ڍولو اوڏ سيٺ سنتوس لوهاڻي وٽ بورچي جي نوڪري ڪندو هو، جنهن کي مهينو اڳ اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي، اسان عمرڪوٽ پوليس وٽ وياسين ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو، پر پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي، اسان مايوس ٿي واپس آياسين. هاڻ سنتوش لوهاڻو فون تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪير به ڳالهائيندو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ان کي جيل جي هوا کارائيندس. مغوي جي ما وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوان جي زندگي کي خطرو آهي. هنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائي سنتوش لوهاڻي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button