پاڪستانسنڌ

پيرجوڳوٺ ڀرسان مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

پيرجوڳوٺ: رات دير سان پيرجوڳوٺ پوليس ۽ ڏوهارين جو هوائي باغ وٽ مبينا مقابلو ٿيو، مقابلي بعد پوليس هڪ ڏوهاري زاهد حسين ڦلپوٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پير جو ڳوٺ اسپتال پهچايو، جنهن کانپو سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او فهيم احمد ڦلپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته پوليس گشت ڪري رهي هئي ته واردات جي نيت سان بيٺل هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن کان پو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 10 کان وڌيڪ قتل ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ روپوش ڏوهاري زاهد حسين ڦلپوٽو کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي، جيڪو ڳوٺ ڏانورو جو رهواسي آهي. پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار سميت سندس ساٿين تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button