پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ عورت فوت، 2 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ مائي وزيران منگي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي. جڏهن ته اسد منگي ۽ حفيظ منگي زخمي ٿي پيا. اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو. زخمين کي علاج لا رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو. ٻي طرف فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button