پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ۾ ٻن معصومن ٻارڙن ۽ سندن چاچي جي بازيابي لا ڌرڻو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو شھر مان 6 ڏينهن اڳ گھر ويندي اغوا ٿيل ٻن معصوم ٻارڙن سميت چاچي جي اغوا خلاف وارثن، شهرين، سياسي سماجي ڌرين ڀٽائي چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي طالب حسين پنهور، حاڪم علي پنهور، اقبال احمد پنهور ۽ ٻين چيو ته 6 ڏينهن اڳ اوٻاوڙو ٿاڻي جي سڏ پنڌ تان شام جو گهر ايندي چاچو صادق حسين پنهور ۽ ٻن معصوم ٻارڙن مهتاب حسين ۽ شهباز پنهور کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، پر افسوس اوٻاوڙو پوليس هن وقت تائين مغوين کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي، هنن وزيراعليٰ ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيلن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي نه ته قومي شاهراهه بلاڪ ڪيو ويندو. ھوڏانھن مغوين جي گھرن ۾ گذريل 5 ڏينهن کان مسلسل پاڪ ڪتاب کي پينگهي ۾ رکي جھولائڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. ٻي طرف معصوم مغوين مھتاب ۽ شھباز جي امڙ ھانءُ ڏاريندڙ دانھون ڪندي ڌاڙيلن کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي معصوم ٻارڙن سميت چاچي جي آزادي جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button