سنڌ

زيبسٽ ۾ هنري سکيا مڪمل ڪندڙ عورتن ۾آصفه ڀٽو ٽيبليٽ ورهايا

نئون ديرو هائوس ۾ زيبسٽ ۽ زيبٽيڪ پاران عورتن کي هنري سکيا (هينڊ لوم) مڪمل ڪرڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب دوران ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري ٽريننگ مڪمل ڪندڙن 38 عورتن ۾ ٽيبليٽ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي چيئر پرسن زيبٽيڪ بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان هتي هڪ واعدو ورجائڻ آئي آهيان، اهو واعدو جيڪو منهنجي والده شهيد بينظير، ناني شهيد ذوالفقار ۽ منهنجي ڀاءُ بلاول ڪيو هو. هن چيو ته روزگار هر انسان جو حق آهي، هي ٽريننگ پروگرام عورتن جي معاشي آزادي جو هٿيار آهي. ان سان سندن گھرن جا چلها ٻرندا. هن چيو ته ان سان عورتون خودمختيار بڻجنديون. هن چيو ته منهنجي والده جو زيبسٽ جو بنياد وجھڻ جو مقصد ملڪ جي پٽن ۽ نياڻين جو مستقبل سنوارڻ هو. مان فخر سان چئي سگھان ٿي ته اسان اڄ تائين 60 هزار نوجوانن کي هنر سيکاري انهن کي پيرن تي بيهاريو آهي. ان موقعي تي فريال ٽالپر چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه عورتن جي حقن لاءِ باشعور رهي آهي ۽ عورتن کي هر شعبي ۾ سماجي، معاشي ۽ اخلاقي طور تي با اختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. زيبسٽ فائونڊيشن عورتن کي هنر جي سکيا ڏيڻ سان گڏوگڏ کين سامان به فراهم ڪيو آهي، جنهن سان هو پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪري گھرن جون حالتون بهتر بڻائي سگھن ٿيون. هن چيو ته زيبسٽ ۽ زيبٽيڪ پاران ڪرايل ٽريننگ هڪ ننڍڙي ڪوشش هئي. ان سان ڇوڪريون اڳتي هلي ترقي ڪري سگھن ٿيون. هن چيو ته بي بي شهيد هميشه عورتن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ فرسٽ وومين بئنڪ ان جو مثال آهي، جنهن بعد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي اسان عورتن کي اڳتي آڻي سندن معاشي حالتون بهتر بڻايون آهن. ان موقعي تي زيبسٽ جي ڊائريڪٽر وحيده مهيسر چيو ته ڪرونا دور ۾ به زيبسٽ 8 آن لائن پروگرامن دوران 5707 نوجوانن کي سکيا ڏني جنهن مان 85 سيڪڙو ماڻهن کي روزگار به ملي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button