پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سفر ۾ ها ۽ نھ جي ٻڏتر واري حالت مان ٻاهر نڪري بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا نيڌر لينڊ هٿان اپ سيٽ شڪست ۽ بنگلاديش ايونٽ مان نڪري ويا آهن. ميڊيا مطابق پاڪستان سپر 12 مرحلي جي آخري ۽ فيصلائتي ميً ۾ بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪواليفائي ڪيو آهي. ان کان اڳ بنگلاديش جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 127 رنسون ٺاهي پاڪستان کي هدف ڏنو، جنهن ۾ نجم الحسن شنٽو 54 رنسن جي اننگز کيڏي، عفيف حسين 24، سوميا سرڪار 20، لٽن داس 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستاني بالرن شاهين آفريدي 4 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني ٽيم جي اوپنرن محمد رضوان 32، بابراعظم 25، شان مسعود 24، محمد حارث 21 رنسن سان نمايان رهيا. بنگلاديش جي بالرن رڳو 5 وڪيٽون ورتيون. شاهين آفريدي 22 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻيو آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ آفريقا کي نيڌرلينڊ 13 رنسن تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ايونٽ مان پاڻ سان گڏ ئي ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.