سنڌ

اڌر ڪيڊر استادن جي احتجاج جو وڏي وزير نوٽيس ورتو

تعليم کاتي جي اڌ ڪيڊر استادن جي مسئلن جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، حيدرآباد ۾ خاص مشير صغير قريشي احتجاج ڪندڙ استادن سان ملاقات ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته ڪنهن به استاد کي نقصان نه ٿيڻ نه ڏينداسين. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي ۾ 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل اڌر ڪيڊر استان جي احتجاج جو وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو، سندس هدايت تي وڏي وزير جي خاص معاون صغير قريشي حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ استادن سان ملاقات ڪري وڏي وزير جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي صغير قريشي استادن کي چيو ته تعليم کاتي پاران اڌر ڪيڊر استادن جي انڪوائري ۾ ڪنهن به استاد کي نقصان نه پهچندو. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم سان ملاقات ڪري استادن جي خدشن کان کين آگاهه ڪيو ويندو. ان موقعي تي گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچر الائينس 2012ع حيدرآباد ڊويزن جي چيئرمين اعجاز کوسو چيو ته وڏي وزير جي خاص معاون صغير قريشي احتجاجي ڪئمپ تي اچي يقين ڏياريو آهي ته اسان جي نوڪرين جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو، ڪنهن به استاد جي نوڪري وڃڻ نه ڏني ويندي. صوبائي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم سان ملاقات ڪرائي خدشا ختم ڪرايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button