پاڪستانسنڌ

آصفا ڀٽو جي ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري

لاڙڪاڻو: اڳوڻي آصف علي زرداري جي نياڻي آصفا ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. آصفا ڀٽو زرداري پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ناني بيگم نصرت ڀٽو، مامن شهيد مير مرتضٰي ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ۽ گل پاشي ڪئي. ان کان اڳ آصفه ڀٽو زرداري مزار جي احاطي ۾ ويهي ڪلام پاڪ جو ورد ڪري شهيدن جي مغفرت جي دعا پڻ ڪئي. جڏهن ته آصفا ڀٽو زرداري جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا ويا ۽ عام ماڻهن کي مزار مان ٻاهر ڪڍي مزار کي بلڪل خالي ڪرايو ويو. جڏهن ته آصفا ڀٽو زرداري اڳوڻي ايم پي اي مرحوم غلام مجدد اسراڻ جي گھر پھچي سندس ڀائٽي غلام محمد اسراڻ سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني جو بندوبست پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالھائيندي آصفا ڀٽو چيو ته مرحوم غلام مجدد اسراڻ پارٽي جو اثاثو ھو، پنھنجي تڪ لاءِ ڪيل سندس ڪم قابل تعريف آھي. ان موقعي تي پ پ عورت ونگ جي سربراھه ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ پيا پ پ اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button