پاڪستان

اعظم سواتي جي زال سان گڏ ذاتي وڊيو رڪارڊ، اوڇنگارون ڏئي روئي پيو

تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي سندس گهرواري سان گڏ رڪارڊ ڪيل ذاتي وڊيو موڪلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اعظم سواتي پريس ڪانفرنس ۾ تفصيل ٻڌائيندي اوڇنگارون ڏئي روئي پيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته نامعلوم فون نمبر تان منھنجي ۽ گهرواري جي پرائيويٽ وڊيو موڪلي وئي آهي، اڄ توهان کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اسان جو ملڪ ڪيترو اڳتي وڌي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون چيو ھو ته ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي، منهنجي ڪا به غير اخلاقي وڊيو طاقتور حلقن وٽ نه هوندي پر مان غلط ھئس، مون کي پاڻ سان ٿيل ورتاءُ پنهنجي قوم جي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شيئر ڪندي به شرم محسوس ٿي رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته گذريل رات زال فون ڪرڻ شرط زور سان روئڻ لڳي، جنهن تي مون سمجهيو ته شايد ڪنهن منهنجي پوٽي کي ماري ڇڏيو آهي، مون روئڻ جو سبب پڇيو پر ڪو جواب نه مليو، جنهن بعد مون پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا فون ڪري چيو تھ پنھنجي ماءُ کان پڇ تھ مسئلو ڇا آھي؟ ان تي ڌيءَ ٻڌايو ته اڻڄاتل نمبر تان ڪنهن کيس اعتراض جوڳي وڊيو موڪلي آهي. اعظم سواتي چيو ته مون ڌي کي ٻڌايو ته 13 آڪٽوبر تي جڏهن مون کي کنڀيو ويو ته هنن منهنجي وڊيو ٺاهي ۽ اڄڪلهه جعلي وڊيو ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، ان تي ڌي چيو ته بابا اها وڊيو ٻئي ڪنهن جي نه پر توهان جي ۽ امان جي آهي، جڏهن توهان ڪوئيٽا ويا هئا اها تڏهن جي وڊيو آهي. سواتي وڌيڪ چيو ته مون کي تڏهن صادق سنجراڻي سپريم ڪورٽ جي جڊيشل لاجز ۾ رهايو هو ۽ چيو هو ته سپريم ڪورٽ جو ڪو به جج هن وقت ڪوئيٽا ۾ موجود ناهي، توهان لاجز ۾ رهي سگهو ٿا، جيڪا وڊيو سامهون آندي وئي، ان سان زال مڙس جو تقدس پائمال ٿيو آهي، سپريم ڪورٽ کان اپيل ڪريان ٿو ته اڃا ڪڏهن انصاف ملندو، آئون اهڙي صورتحال ۾ خودڪشي نٿو ڪري سگهان پر هن ملڪ ۾ رهي ظلم جو مقابلو ڪندس ۽ رب جي لٺ بي آواز هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button