
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ٽي 20 ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ واري اعلان بعد هاڻ سندس ٽيم ۾ شرڪت پڻ خطري ۾ پئجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي بعد مينيجمينٽ اهم فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت ويرات ڪوهلي کي ٽي 20 ٽيم ۾ رانديگر طور پڻ نھ کڻڻ جو رٿيو ويو آهي. جڏهن تھ کائنس ون ڊي جي ڪپتاني واپس وٺي روهت شرما کي ڏيڻ تي غور ڪيو ويو آهي.