رانديون

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد پاڪستان اچي کيڏندي، شيڊول جاري

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد پاڪستان اچي کيڏندي، جنهن ۾ ٽن ٽيسٽ، ٽن ون ڊي ۽ هڪ ٽي 20 ميچ جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن پاران دورا ختم ڪرڻ بعد آسٽريليا ايندڙ سال مارچ ۽ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو رٿيو آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. هوڏانهن پي سي بي آسٽريلوي ٽيم جي دوري جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ٽيسٽ ميچ ڪراچي، لاهور ۽ راوالپنڊي ۾ ئي کيڏيا ويندا. جڏهن تھ ون ڊي ۽ ٽي 20 جون ميچون لاهور ۾ ٿينديون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪينگروز رانديگر مارچ جي شروعات ۾ پاڪستان پهچي ويندا. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيٽو نڪ هاڪلي جو چوڻ آهي تھ سيڪيورٽي، لاجسٽڪ ۽ ڪورنا پروٽوڪولز بعد ۾ طئي ٿيندا. جڏهن تھ رانديگرن جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي، تنهنڪري ايجنسني سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو تھ جيئن دورو يقيني بڻجي وڃي.

آسٽريليا جي ٽيم کي ڀليڪار چئون ٿا، سيريز ٿيڻ تي خوش آهيون: رميز راجا

ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا آسٽريليا جي ٽيم جي پاڪستان واري دوري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ اسين آسٽريليا جي ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. جاري ڪيل پيغام ۾ هن جو چوڻ هو تھ آسٽريليا سان سيريز ٿيڻ تي خوشي ٿي آهي، آسٽريليا مضبوط ٽيم آهي اها هتان جي ميزباني جا مزا وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button