سنڌ

پروگريسو ڪميٽي طرفان ناظم جوکيو ماحوليات ۽ ڌرتي جو شهيد قرار

سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ترقي پسند اڳواڻن ناظم جوکيو کي ماحوليات ۽ ڌرتي جو شھيد قرار ڏنو آهي ۽ جاگيرداري مخالف جدوجھد تيز ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ۾ عرب شڪارين جي داخلا تي پابندي مڙهي، زرعي سُڌارا آڻي وڏي جاگيرداريءَ جو خاتمو آندو وڃي. سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي دستوري گڏجاڻي بخشل ٿلھي جي صدارت ۾ عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ امداد قاضي، اقبال خان، عبدالخالق جوڻيجو، هاشم کوسو، خالد جوڻيجو، شھاب ڊومڪي، سراج سيال، لطيف لغاري ۽ جاويد راڄپر شامل هئا. گڏجاڻي ۾ مولانا عزيزالله ٻوهيو ۽ ڊاڪٽر نثار شاهه سميت پوئين عرصي ۾ موڪلائي ويندڙ سمورن ترقي پسندن لاءِ اُٿي بيھي هڪ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته ناظم جوکيو ۽ فھيمده سيال جي قتل رياستي سرپرستي ۾ پاليل بدمست جاگيرداري باقيات جي مڪروهه ۽ عوام دشمن ڪردار کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button