سنڌ

ڄام اويس جي ٻن گارڊن جا بيان قلمبند،قتل جو اعتراف ڪيو آهي:ذريعا

عرب شڪارين کي شڪار کان روڪڻ ۽ وڊيو ٺاھڻ تي بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي قتل جي جاچ جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل 8 رڪني جاچ ٽيم جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. جاچ ٽيم ابتدائي طور تي گرفتار پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام جي ٻن گارڊن حيدر علي ۽ مير علي جا بيان قلمبند ڪيا. پوليس پاران گرفتار ٻنھي گارڊن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري سندن اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي. پوليس ذريعن موجب ابتدائي جاچ دوران ٻنھي گارڊن ڄام هائوس ۾ مقتول نوجوان ناظم جوکيو کي بدترين تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي. ٻنھي گارڊن جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائي گرفتار مک جوابدار ايم پي اي ڄام اويس جوکيو کي ڪيس ۾ رعايت ڏيڻ جو خدشو پڻ ظاھر ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button