رانديونعالمي

فيفا ورلڊڪپ جي قطر ۾ رنگارنگي تقريب سان شروعات،افتتاحي مئچ ۾ ايڪواڊور ڪامياب

قطر ۾ رنگارنگي افتتاحي تقريب سان فٽبال جا عالمي مقابلا شروع ٿي ويا، فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين مئچ ۾ ميزبان ٽيم کي ايڪواڊور ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي. قطر جي البيت اسٽيڊيم الخور ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022 جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عربي ثقافت جا رنگ پيش ڪيا ويا. افتتاحي تقريب جي باقاعدي شروعات کان اڳ هڪ وڊيو ۾ سمنڊ اندر مختلف مڇين کي تَرندي ڏيکاريو ويو، جڏهن ته تقريب جي شروعات تي اٺ ۽ فنڪارن رقص ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ناليواري بالي ووڊ اداڪار مورگن فري مين اميد، اتحاد ۽ برداشت جو پيغام ڏنو، ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ٽيمن جي جهنڊن سان به فنڪارن پرفارمنس ڏني، پوءِ ورلڊ ڪپ فٽبال جو آفيشل ميسڪوٽ ميدان ۾ آندو ويو. ڏکڻ ڪوريا جي جڳ مشهور ميوزڪ بينڊ بي ٽي ايس جي سنگر جونگ ڪوڪ قطر جي ناليواري فنڪار فهد الخوبيسي سان گڏ ورلڊ ڪپ جي آفيشل گاني ڊريمرز تي پرفارم ڪيو. قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ورلڊ ڪپ جي باضابطا شروعات جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، افتتاحي تقريب ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به شريڪ ٿيو، اسٽيڊيم ۾ شوقينن جو وڏو انگ موجود هو. ٻئي طرف ورلڊ ڪپ جي پهرين مئچ ۾ ايڪواڊور 0-2 تان ڪاميابي حاصل ڪري ميگا ايونٽ ۾ شاندار شروعات ڪئي آهي. ايڪواڊور طرفان ٻئي گول اينير ويلنشيا اسڪور ڪيا، جڏهن ته قطر جي ٽيم ڪو به گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي. واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ 32 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن کي 8 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button