رانديون

آسٽريليا ويسٽ انڊيز خلاف پرٿ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 293 رنسون ٺاهيون

پرٿ: آسٽريليا ويسٽ انڊيز خلاف پرٿ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 293 رنسون ٺاهي ورتيون. مارنس لبوشين 154 رنسن جي شاندار ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي. پرٿ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن ميزبان آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرئين ڏينهن جي اننگ جي پڄاڻي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 293 رنسون ٺاهيون هيون، اوپنر ڊيوڊ 9 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو. وارنر 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ان کانپوءِ عثمان خواجا ۽ مارنيس لڀوشين ذميداراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ مجموعي اسڪور کي 151 رنسن تائين پهچايو. عثمان خواجه آسٽريليا طرفان آئوٽ ٿي ويو، جنهن 65 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي. ان کان پوءِ نئين بيٽسمين اسٽيون سمٿ، مارنز سان گڏ اسڪور کي اڳتي وڌائڻ جي شروعات ڪئي ۽ پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي مجموعي اسڪور کي 293 تائين پهچايو. ٻنهي بيٽسمينن 142 رنسن جي ناقابل شڪست ڀائيواري قائم ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button