پاڪستانعالمي

پاڪستان جون تيل جون ضرورتون سمجهي سگهون ٿا، هر ملڪ پنهنجي حالتن مطابق فيصلو ڪري:آمريڪا

آمريڪي پرڏيهي وزارت نئين آرمي چيف جي مقرري کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي تيل جي ضرورتن کي سمجهي سگهون ٿا پر هر ملڪ کي پنهنجي حالتن مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو، روس مان تيل جي برآمد لا اڃا تائين پابنديون نه لڳايون آهن. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي. خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، ٻن ڏهاڪن کان پاڪستاني عوام دهشتگرد حملن سبب سخت متاثر ٿيو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان مضبوط ڀائيواري چاهيون ٿا ۽ پاڪستاني حڪومت جي دهشتگردن خلاف ڪاررواين جي حمايت ڪندا رهنداسين. هن چيو ته ٽي ٽي پي جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل مفاد آهي، دهشتگرد گروهن ۽ عسڪريت پسندن خلاف اثرائتي ڪارروائي جي اميد ڪريون ٿا، ان کان علاوه پاڪستان کان علائقائي ۽ عالمي دهشتگردي خلاف سهڪار جي ڪوششن جي اميد رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اڃا تائين روس تي تيل برآمد لا پابنديون نه لڳايون آهن، اتحادين سان گڏجي عالمي منڊي تي تيل جي مهانگن اثرن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button