سنڌ

ڇا هاڻي ڊونلڊ لو پي ٽي آئي حڪومت واپس آڻيندو؟ فيصل واوڊا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات فيصل واوڊا رد عمل ڏيندي چيو ته ڇا هاڻي ڊونلڊ لو سازش جي ذريعي پي ٽي آئي جي حڪومت واپس آڻڻ وارو آهي، فيصل واوڊا ٽوئٽر تي بيان ۾ ٽوڪ واري انداز ۾ سوال ڪيو ته ڇا هي اهو ئي آمريڪي سفير ڊونلڊ لو آهي، جنهن سازش سان پي ٽي آئي جي حڪومت ڪيرائي؟ ڇا هاڻي ڊونلڊ لو سازش جي ذريعي پي ٽي آئي جي حڪومت واپس آڻڻ وارو آهي؟ ڇا هاڻي هي ڊونلڊ لو ٺيڪ ٿي ويو آهي؟ حڪومت ڪيرائڻ جو بيانيو پهريان ٺيڪ هو يا هاڻي وارو، معاملو ڇا آهي، فيصل واوڊا کي سوشل ميڊيا تي آمريڪي سفارتڪار ڊونلڊ بلوم کي آمريڪي سفير ڊونلڊ لو لکڻ تي تنقيد ڪئي وئي، گذريل ڏينهن پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪئي هئي، پي ٽي آئي سازش ڪري پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام ڊونلڊ لو تي مڙهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button