سنڌ

ملير واقعو:جوابدار زال ۽ ٽن ڌيئرن جي قتل جو اعتراف ڪري ڇڏيو

ملير جي شمسي سوسائيٽي ۾ گهر جي سربراهه هٿان قتل ڪيل عورت ۽ ٻارڙين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد ٻڌايو ته ٻارڙين جي جسم تي مزاحمت جا نشان نه هئا ۽ خدشو آهي ته کين بيهوش ڪيو ويو هو، انڪري ڪيميڪل ايگزامينيشن لاءِ نمونا ورتا ويا آهن. پوليس سرجن موجب مقتول عورت جي جسم تي مزاحمت جا نشان آهن، جيڪي سندس هٿن تي آهن، جڏهن ته عورت جي جسم تي به ڪيئي زخمن جا نشان آهن. پوليس سرجن وڌيڪ ٻڌايو ته سمورن مقتولن جو موت ڳلي تي ڇُري جي وار سان ٿيو ۽ زخمي فواد ان کانپوءِ پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ڪورنگي ساجد سدوزئي جو چوڻ آهي ته اسان مقتولا جي ڀاءَ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو آهي، جيڪڏهن هو ڪيس داخل نٿو ڪرائي ته سرڪار جي فرياد ڪيس داخل ڪيو ويندو.هوڏانهن پنهنجي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪندڙ شخص جي بيان جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي، پوليس موجب جوابدار ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي سبب بيان موبائيل فون تي لکيو، جنهن ۾ جوابدار پنهنجي زال ۽ ٽن ڌيئرين کي قتل ڪرڻ بابت ٻڌايو. پوليس موجب جوابدار ڪاروبار ۾ نقصان کان به آگاهه ڪيو آهي، جنهن ۾ هن قتل کان اڳ زال سان جهيڙي جو به ٻڌايو. پوليس موجب جوابدار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. رپورٽ موجب جوابدار سان واقعي وقت زال گهر جي خرچن لا جهيڙو ڪيو، جنهن بعد کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بحث وڌي وڃڻ بعد ٻن ننڊ ستل ڌيئرن کي ڇري هڻي قتل ڪيم ۽ بعد ۾ ٽين ڌي کي به ماري ڇڏيم، زال جيئن ئي ڪمري ۾ آئي ته کيس به ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي بعد لاشن جون تصويرون ڪڍي پنهنجي ڀا ۽ جن کان هن قرض ورتو، انهن کي موڪليون ۽ کين چيو ته مون زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ پاڻ کي به ماري رهيو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button